اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستان جي ??اءِ ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي ??ندو ياترين کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ شرڪت جي ??اءِ 166 ويزا جاري ڪيا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي تقريبن جي ??وقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي ??اءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي ??ذهبي جاين جي دورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي ??اءِ ڀارت مان هزارين سک ياترين کي پاڪستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ پاڪستان جي ??ذهبي جاين جي دورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم مو??ب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي زائرين کي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.