اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻ??لي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻ??لي جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ”عربي ٻ??لي کي هٿي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪردار“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻ??لي آهي جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جنهن جي رواني هر گذ??ند?? ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردار ادا ??ري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يونيورسٽيون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پاڪ جي ٻ??لي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.