اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي علامه مح??د اقبال کي خراج عقيد?? پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي، خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي ڀاڙڻ بدران اقبال نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال مسلمان?? جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي، اڄ اسان کي جيڪ?? گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن انهن جو حل اقبال جي آفاقي تعليم ۾ لڪل آهي. هن چيو ته اقبال نوجوانن کي خودي جو پيغام ڏنو ۽ انهن کي شاهي?? جي زندگي اختيار ڪري مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو، نوجوان اقبال جو فڪر اختيار ڪري پاڪستان ۽ مسلمان امت جي حقيقي خدمت ڪري سگهن ٿا.