??سل??م آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ??اق??بل فراموش هوندو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي نيوز ڪرنٽ افيئرز ۽ سوشل ميڊيا ٽيم سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد ۽ پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران ??فاقي و??ير کي پي ٽي وي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن بابت بريفنگ پڻ ڏني و??ي. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران ??فاقي و??ير چيو ته پاڪستان ??يليويزن ملڪ ۾ ميڊيا جو سڀ کان ??ڏو ادارو آهي ۽ چونڊن ۾ پي ٽي وي جو قومي ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ??اق??بل فراموش هوندو. هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ شرڪت سان ??ي ٽي وي جي ساک ۾ اضافو ٿيندو. ان ??وقعي تي پي ٽي وي ٽيم اطلاعات واري نگران ??فاقي و??ير کي ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن دوران خبرن جي ڪوريج ۽ اسڪوپ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، پي ٽي وي پاران خبرن جي انگ ۾ اضافي سان ??اظرين کي تازه ترين حالتن کان آگاهي ۾ مدد ملي آهي، خبرن ۾ آن ڪئميره رپورٽنگ ۽ سماجي مسئلن بابت رپورٽس کي خصوصي اهميت ڏني پئي وڃي، خبرن جي شعبي ۾ نه رڳو مقداري لحاظ سان تبديلي آئي آهي پر نيشنل نيوز بيورو ??سل??م آباد ۽ ٻين سينٽرز تان ??يشڪش جو انداز پڻ بدلايو آهي.