اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪ??مت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چ??نڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته نگران حڪ??مت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.