اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن ڀا??تي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ڀا??ت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دنيا زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ جي لاءِ ڀا??ت تي دٻاءُ وجهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري نمائندن جي وفد ايوان صدر ۾ م??اقات ڪئي. وفد جي قيادت ليبر فرينڊز آف ڪسمير يو ڪي جي چيئرمين اينڊريو گيوين ڪري رهيو هو. ڀا??تي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت ڳالهه ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀا??ت مسلمانن جي نسل ڪشي، اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ، مني پور ۾ گرجا گهرن کي ساڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اقليتي برادرين جي اڳواڻن جي عدالت کان مٿانهين قتلن ۾ م??وث آهي. هن چيو ته انتهاپسند هندوتوا جي نظريي کان متاثر ڀا??ت جي نفسيات بدلجي رهي آهي جنهن جو مقصد اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن سان ڪنهن به ناانصافي جي صورت ۾ فوري ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀا??ت ڪشميري عوام کي پنهنجي سرزمين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آباديي جي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن دنيا تي زور ڏنو ته اها والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي واپس وٺڻ جي لاءِ ڀا??ت تي دٻاءُ وجهي. انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن کان انڪار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفد جي سربراهه اينڊريو گيوين چيو ته ڀا??ت پاران ڪيل تشدد ۽ ڏاڍ ناقابل قبول ??هي. هن وڌيڪ چيو ته هو برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشميرين جي حمايت ڪندو رهيو آهي، ڀا??تي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي سلسلي ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي لاءِ ڀا??ت تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀا??تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڀا??ت واديءَ جي آبادي جي ڍانچي کي تبديل ڪري رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ تعليم ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي بهتري لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفد ڀا??تي گجرات ۽ ڀا??تي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خراب حالت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪشمير ڪاز جي لاءِ حمايت کي ساراهيو.