اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اعليٰ عدليه جي هڪ انتهائي اهم ڪيس ”پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ“ جي ڊگهي وقت واري سڌوسنئون نشريات عوام تائين پهچائڻ تي پي ٽي وي نيوز جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگرا?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ په??يون ڀيرو اعليٰ عدليه جي هڪ انتهائي اهم ڪيس ”پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ“ جي ڊگهي وقت واري سڌوسنئون نشريات کي پيشيواراڻي انداز ۾ عوام تائين پهچايو ويو جنهن تي پي ٽي وي نيوز جي ٽيم ساراهه جي مستحق آه??، جنهن تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو.