اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توان??ئي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهيمت ڪيتر??ئي ڀيرا وڌي وئي آهي، عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏي ارضياتي صلاحيت پاڪستان کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻ??ئي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ منعقد ٿيندڙ پاڪستان منرلز سمٽ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن، معدنيات جي شعبي جي ايگزيڪيوٽوز، سائنسدانن، صنعت جي ماهرن ۽ پاليسي سازن کي ??ڏ ڪيو ويو ته جيئن معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽ??ئي جي شعبي ۾ موجود بي پناهه صلاحيتن تي غور ڪري سگهجي ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سفارشون پيش ڪري سگهجن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي اهتمام يهٺ اها سمٽ منعقد ٿي، اها زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي منعقد سمٽ کانپوءِ ان سلسلي جي ٽئين سمٽ هئي. هن چيو ته قابل تجديد توان??ئي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهميت ڪيتر??ئي ڀيرا وڌي وئي آهي. سمٽ نئ??ن هدفن وارن علائقن جي تعين، ڳولا جي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ ۽ معدنيات کي ڪڍڻ جي لاءِ نئ??ن طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي جاگرافي??ئي بيهڪ، مٽيءَ، عمارتي پٿر، صنعتي معدنيات، ڪوئلي کان وٺي ڌاتي معدنيات ۽ قيمتي جواهرات تائين جي معدني وسيلن جي حوالي سان مشهور آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏي ارضياتي صلاحيت پاڪستان کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻ??ئي ڇڏيو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان جي معدني دولت قومي جي ڊي پي ۾ موجوده هڪ سيڪڙو کان وڌي 5 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.