اسلام آباد ?? 25 ??? جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير?? پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق کانسوا??ِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ ??ار?? کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، ??ار?? کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.