اسلام ??باد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي مذمت ڪندي لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزي??اع??م آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب وزي??اع??م چيو آهي ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف شر ڦهلائيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، 09 مئي جي منصوبابندي ڪندڙ، سهولت ڪار ۽ هينڊلرز کي پيغام ??هي ته پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف هرسازش کي ناڪام ??ڻايو ويندو، وزي??اع??م محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته شهيدن خلاف غليظ ميڊيا مهم هلائيندڙ جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزي??اع??م لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي سربراه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي نه آهي اها صرف سازش آهي جنهن کي روڪڻ قانوني فرض آهي، قوم ان سازش کي ناڪام ??ڻائيندي جهڙي ريت 09 مئي واري ملڪ کي گهرو ويڙه جو شڪار ڪرڻ جي سازش کي بڻايو هو.وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي فوج ۽ ان جي سربراه سان گڏ آهي.