اسلام آباد-08 ??ول??ءِ (اي پي پي)وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازي?? ڪاسس سان لاڀائتيون ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته سوئيس پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪري کيس خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اسان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي انتظامن، خطرن ۾ گهٽتائي، اڳواٽ وارننگ، اعليٰ تعليم ۽ سياحت ??ي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن. وزيرا??ظم موسمياتي لحاظ سان موزو?? ذميواراڻي پائيدار ترقي جي حوالي سان سوئٽزرلينڊ جي ڪردار کي پڻ ساراهيو آهي.