اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪ?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيدن جي خاندانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق صدر مملڪ?? ڊاڪٽر عارف علوي 2 جولاءِ تي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي با??ر ??ي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ??ئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سپاهي گل رئوف جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شهيدن ۽ سنهن جي خاندانن جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ??ئي.