نوابشاھه-13 جون (اي پي پي) ڪ??شن?? شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد عباس ب??وچ جي صدارت هيٺ سامونڊي طوفان بائپر جوائي ڪري ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ امڪاني تيز هوائن ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو، ايڊيشنل ڪ??شن?? ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪ??شن?? ٽو فياض حسين راهوجو، ڊپٽي ڪ??شن?? شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسزڊاڪٽر غلام مصطفى، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر دلشاد احمد عمراڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊپٽي ڪ??شن?? سانگهڙ محمد اسحاق گاد ۽ ڊپٽي ڪ??شن?? نوشهروفيروز شاهزيب شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪ??شن?? محمد عباس ب??وچ چيو ته موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ ڊويزن ۾ ۾ تيز برساتن ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي انهي لاءِ ٽنهي ضلعن جا ڊپٽي ڪ??شن?? امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻن جڏهن ته پنهنجي ضلعن جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪندي کين هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ جو پابند بڻائين هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ضلع ۽ تعلقي سطح تي ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ سميت گهربل مشينري کي فعال بڻائين جڏهن ته ضلع جي ننڍن وڏن شهرن مان فوري طور تي بل بورڊ ??ٽائڻ، پمپنگ مشينن کي چالو حالت ۾ رکڻ، ڊرينيج نالن جي صفائي ۽ زبون جائين کي خالي ڪرائڻ لاءِ پڻ قدم کڻن ڪ??شن?? وڌيڪ چيو ته امڪاني برساتن جي پيش نظر ڪ??شن?? آفيس ۽ ٽنهي ضلعن جي ڊي سي آفيسن ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ڪ??شن?? ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته قومي شاهراه تي قائم دولتپور اسپتال سميت ٽنهي ضلعن جي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين ڪنهن به ايمرجنسي کي فوري طور منهن ڏئي سگهجي ڪ??شن?? لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائون آفيسرن ۽ يوسي سڪيريٽرين کي پابند بڻائين ته برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کڻن اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو چيو ته امڪاني برساتن جي پيش نظر ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي ضلع انتظاميه سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيو ويون آهن اجلاس ۾ ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪ??شن??ن پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.