اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف حج ??ي سعادت ماڻيندڙن کي حج ??ون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان سموري عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج ??ا بهترين انتظام ڪرڻ تي پا??ستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج ??سلام جو هڪ اهم رڪن آ??ي جيڪو الله تعال??ٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج ??وران جيڪي تڪليفون برداشت ڪندا آ??ن الله پا?? طرفان ان جو عظيم اجر کين ملندو آهي ۽ ان ٻان??ي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آ??ن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي حج ??ي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي بار بار پنهنجي گهر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آ??ي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ظالمن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ڪئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طعي ٿين.