مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي ميڊيا بابت وزير سلمان الدساري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان حج ڪوريج حوالي سان سهڪار کي تا??يخي قرار ڏيندي چي?? آهي، ته ان ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائي مضبوط بڻايو ويندو. سعودي عرب جي ميڊيا بابت وزير اي پي پي جي ايڊيٽوريل ڊيسڪ ۽ ميڊيا سينٽر جو دورو ڪ??و. جيڪو حج جي جامع ڪوريج کي يقيني بڻائن لاءِ هڪ مقامي هوٽل ۾ قائم ڪيو ويو آهي، هن چي?? ته اي پي پي پاڪستان جي اهم ۽ سڀ کان وڏي خابرو ايجنسي آهي، هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته گڏيل طور تي فائديمند سهڪار کي اڳيان وڌايو ويندو. هن منى ۾ ميڊيا واري وزارت طرفان قائم ڪيل ايڊيٽوريل ڊيسڪ جو به دورو ڪ??و. هوڏانهن سعودي عرب جي ميڊيا واري وزارت حج سي??ن 2023ع لاءِ ورچوئل پريس سينٽر (وي پي سي) قائم ڪيو آهي ته جيئن سالياني حج جي جامع ڪوريج فراهم ڪئي وڃي. اعليٰ معيار جو مواد پيش ڪري سگهجي ۽ رپورٽرن جي ڪم ۾ آساني ٿئي. هڪ مرڪز هڪ اليڪٽرانڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جيڪو سرڪاري ايجنسين ۽ حج سي??ن جو احاطو ڪ??دڙ نيوز آئوٽ ليٽس لاءِ ورچوئل خدمتون فراهم ڪندو. 900 رجسٽرڊ رپورٽرز پليٽ فارم تان ڊائون لوڊنگ ڪيل خبرن، تصويرن ۽ ويڊيوز مان فائدو کڻي سگهندا ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ نشر ٿيندڙ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ حصو وٺي سگهندا. مرڪز ۾ رجسٽرڊز رپورٽر عهديدارن سان گڏجي انٽرويو، حج سي??ن جا انگ اکر، يا ڪنهن قسم جي سوال جواب لاءِ پنهنجو?? درخواستون به جمع ڪرائي سگهندا.