پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، قدرتي آفتن ??ان سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ ??ان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، معاشي واڌويجهه رڪجي وئي، دنيا کي موجوده معاشي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهي اجلاس جي موقعي تي مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران عالمي اڳواڻن جو ڌيان ان خارجي عملن طرف ڇڪرايو جنهن ??ان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ شديد بحران پيدا ٿيو. انهن عملن جي ڪري ترقي رڪجي وئي، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ ??ان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، بعد ۾ شديد موسمي واقعن مان بدترين ٻوڏ آئي جنهن ??ان پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ برابر مالياتي اصول تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ، اهڙين گرانٽس جي فراهمي جيڪي اسرندڙ ملڪن جي وڏن قرضن ۾ اضافو نه ڪن ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي ماحولياتي خطري جي انڊيڪس جي بنياد تي فنڊ تائين پهچ جي قابل بڻائڻ شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) هاصل ڪرڻ جي لاءِ مالياتي فرق کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي ??ان گڏوگڏ موسمياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جيڪا ساليانو کربين ڊالر آهي. هن چيو ته دنيا کي موجوده معاشي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي جي طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. عالمي مالياتي ڍا??چي تي ٻيهر غور ان جي ٻيهر شروعات جو پهريون نقطو ٿي سگهي ٿو، جتي آءِ ايس آئيز پنهنجي پروگرامن کي ترقي وارن ۽ ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي انصاف جي هدفن ??ان ڳنڍڻ جي لاءِ ڊيزائين ڪري سگهن لائی_جنگیں/121716.html">ٿا. هن چيو ته دنيا کي هن وقت حقيقت کان آگاهي جو لمحو سامهون آهي، اچو ا??ان سڀ يڪجهتي ۽ همدرديءَ جي جذبي ??ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جو وچن ڪريون.