ڪراچي – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي م??ئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان اڳڀرائي کي پوري پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد کي ڊپٽي م??ئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي ??ي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نفرت ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي م??طقي انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ ??ي جمهوريت بهترين انتقام آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.