اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ??ي پي) تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيمن سميت سمورن منص??بن جي لاءِ مجموعي طور تي 157860.390 ملين رپيا رکيا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پي ايس ??ي پي جي دستاويز موجب نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري منص??بن جي لاءِ 103375.614 ملين رپيا رکيا ويا آهن. آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي ٽن منص??بن جي لاءِ 10000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح 51 نئين منص??بن جي لاءِ 44124.386 ملين رپيا رکيا ويا آهن. دستاويز موجب جاري منص??بن ۾ ڪاريڪ لنگهه ترقياتي پروگرام سيڙڪاري (ايشيائي ترقياتي بئنڪ) جي پيٽارو – سيوهڻ حصو (128) ڪلوميٽر منصوبن، پش??ور – دره آدم خيل (36 ڪلوميٽر)، شڪارپور – رتوديرو (44 ڪلوميٽر) جي لاءِ 2500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. شڪارپور – راجن پور اين 55 ڪاريڪ لنگهه جي اضافي ڪيرج وي جي تعم??ر جي منصوبي لاءِ 3500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. حيدرآباد – سکر موٽروي ايم 6 جي تعمير، سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي 69 ڪلوميٽر جا منصوبا شامل آهن.