اسلام آباد – 08 جون (اي ??ي پي) مالي س??ل 23 -2022ع دوران 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 3296.7 ملين روپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته مارچ 2023ع تائين ان پروگرام تحت مجموعي طور تي 2027.01 ملين وڻ ورهايا / لڳايا ويا آهن. مالي س??ل 23-2022ع جي جاري ڪيل اقتصادي س??وي ۾ ٻڌايو ويو ته موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ مارچ 2023ع ۾ نيشنل ڪلين ايئر پاليسي ٺاهي وئي ته جيئن ملڪ ۾ گدلاڻ ۾ گهٽتائي آڻيندي هوا جي بهتر معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. ان کانسواءِ موسمياتي تبديلي بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن ڪوپ – 27 نومبر 2022ع ۾ مصر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي هڪ وفد شرڪت ڪئي. وفد ڪيت??ين ئي ٻين تقريبن ۾ به حصو ورتو ۽ موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ?? مسئلن ۽ حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.