اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي محروم طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي تعليم جا بهتر موقعا فراهم ??رڻ ۽ اها سهولت انهن جي درن تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي پهرين سال ۾ تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ جدت رکندڙ منصوبا متعارف ڪرائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. وزيراعظم ش??با?? شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ تعليمي لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ هن سال جي شروع ۾ ٻه جديد منصوبن ”اسڪولز آن ويلز“ ۽ ”پاڪستان ٽيل?? اسڪول ايپ“ جي قيادت ڪئي. هن فيبروري ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 بسن تي ٻڌل موبائيل اسڪولن جو منصوبو شروع ڪيو جيڪو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي علائقن جي ٻارن کي پرائمري سطح جي تعليم فراهم ڪري رهيا آهن. گادي واري شهر جي مختلف جاين تي بيٺل اهي بسون ڪمپيوٽر، ڊيسڪ، وائٽ بورڊز، ايل سي ڊيز سان ليس آهن جيڪ?? استادن ۽ شاگردن کي مشغول ??رڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول فراهم ڪن ٿيون. وزيراعظم افتتاحي تقريب ۾ ٻارن کي قوم جي مستقبل جا معمار قرار ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نوجوان نسل کي وڌ کان وڌ تعليمي سهولتون فراهم ??رڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندي رهندي. حڪومت پاران موبائيل اسڪولن جو منصوبو خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ سخت ۽ مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. اڳئين مرحلي ۾ بسن جو انگ وڌائڻ ۽ ان منصوبي کي آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ٻين حصن تائين واڌ ڏيڻ جو منصوبو آهي. ان منصوبي سان نظرانداز ٿيل ۽ محروم ڪميونٽيز جي ٻارن کي پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ تعيلم ۽ ٽيڪنيڪي مهارت حاصل ??رڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. يونيسيف موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سال جي عمر جا اٽڪل 22.8 ملين ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن جيڪي ان عمر جي گروپ جي ڪل آبادي جو 44 سيڪڙو آهن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نئين مهارتن جي ذريعي انهن تائين تعليم کي پهچ جوڳو بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم ش??با?? شريف ٻارن جي گهرن تائين تعليم پهچائڻ جي لاءِ مارچ ۾ وفاقي تعليم واري وزارت پاران تيار ڪيل پاڪستان ٽيل?? اسڪول ايپ جي شروعات ڪئي ۽ ان جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا آهن. رڳو هڪ هفتي ۾ ايپلي ڪيشن کي 10000 ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو، 5500 جي داخلا ڪئي وئي ۽ 310 شهرن ۾ 17000 وڊيوز ڏٺيون ويون. ان منصوبي جو مقصد پهرين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين جي شاگردن کي آن لائين تعليم فراهم ??رڻ آهي. ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو هڪ ٻيو قدم کڻندي حڪومت 30 جون تائين اسلام آباد گادي واري شهر جي علائقي ۾ اسڪول کان ٻاهر 70000 ٻارن ک?? اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته ش??با?? شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي دور ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ج?? اسڪم کي ڪاميابي سان عملي جامعو پارايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم تعليمي ادارن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ 100000 ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ڇو ته هو ان ڳالهه تي پڪو يقين رکي ٿو ته نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جون جديد مهارتون ڏيڻ سکڻ جو رستو آهي. گذريل سال گرمي جي موسم ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ غيرمعمولي ٻوڏ تباهي مچائي وئي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ٻوڏ بلوچستان ۾ اسڪولن سميت اهم انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم رهنمائي فراهم ڪئي ۽ جنوري ۾ بلوچستان جي علائقي صحبت پور ۾ هڪ سمارٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو. ٻن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ ٺاهيل اهو اسڪول جديد ترين آءِ ٽي سهولتن سان ليس آهي. هن انهي علائقي ۾ ٻوڏ کان متاثر گورنمينٽ بوائز سيڪنڊر?? اسڪول ??لي جيا خان جي نئين عمارت جو پڻ ٻيهر افتتاح ڪيو. وفاقي حڪومت جي انهن اهم قدمن سان خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن تائين تعليم جي آسان ۽ بهتر پهچ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.