اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس ??ان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير سرگ??ي ??يلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته هن بيلاروس ??ي هم منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بيلاروس لاڳاپن جي لاءِ اسان جي ڊگهي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي لاڳاپن جي مضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ?? عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??ي ??يڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن کي ٺوس ??عاون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن جي ويزائن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ ۽ بيلاروس ??نسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته هو ڇهين وزارتي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس ??ي وچ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير سرگ??ي ??يلينڪ دوري جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن انتها??ي ??عميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪ??ي ??نهن ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باو??ود ٻنهي ملڪن جي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي فيڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري ر??يا آهن. بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بيلاروس ??ي حڪومت جي مستقل پاليسي ر??ي آهي. هن چيو ته ان خواهش کي ٻنهي ملڪن جي قيادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اميج وڌائڻ تي پاڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بيلاروس ??ي پرڏيهي وزير چيو ته بيلاروس مختلف دٻاءُ جي باو??ود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏيهي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري ر??يو آهي ۽ خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بيلاروس ??ي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيلاروسي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.