اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پ??ڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پ??ڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري براد??ي جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پ??ڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پ??ڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پ??ڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون ??لائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.