اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيل??فو??ڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف عمان جي سلطان هيثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيل??فو?? ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خ??اهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خ??اهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحا?? جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.