اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪند?? چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني استعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، وز??راعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق با??وه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ آنديون ويون ۽ طئي ٿيل م??و پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي رهيون آهن جنهن تي وز??راعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون سموريون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وز??راعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ?? وز??راعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان سموري معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وز??راعظم چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وز??راعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون سموريون گاڏيون جيڪي پنهنجو م??و پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. وز??راعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وز??راعظم ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪند?? چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون جيڪي پنهنجو م??و پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.