اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريف??نس کي اڳوڻي وزيراعظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش قرار ڏيندي ڪيوريٽيو ريويو ريف??نس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ چيو ??يو ته ڪيوريٽيو ريويو ريف??نس ڪمزور ۽ بي بنياد سببن تي داخل ٿيو ??و، ان لاءِ حڪومت ان جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا اڳ ۾ ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. بيان موجب وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيوريٽيو ريويو ريف??نس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ريف??نس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ??يو. اهو ريف??نس نه هو، آئين ۽ ق??نون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف مزاج جج جي خلاف هڪ منتقم مزاج شخص عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي ۽ عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ريف??نس جي مذمت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان ڏو??اري فعل جي لاءِ ناجائز استعمال ڪي??. و??يراعظم چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏو??ه ۾ هٿيار ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.