اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پاڪستان ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، خميس ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڏينهن جي شروعات 31 توپن ۽ چئني صوبا??ي گادي وارن شهرن ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، اسلام آباد ۾ خر??ب موسم جي ڪري ايوان صدر ۾ ٿيندڙ پ??ڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ملتوي ڪئي وئي. ايوان صدر موجب پاڪستان ڏهاڙي جي ملتوي ٿيندڙ پ??يڊ هاڻي 25 مارچ تي ٿيندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته هلندڙ سال پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ روايتي پريڊ شڪر پ??يان بدران ايوان صدر ۾ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پريڊ محدود پئماني تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪفايت شعاري پاليسي تحت ڪيو ويو، جڏهن ته خميس جي صبح اسلام آباد ۾ برسات ۽ خر??ب موسم جي ڪري ايوان صدر ۾ ٿيندڙ پ??ڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ملتوي ڪئي وئي جيڪا هاڻي 25 مارچ ڇنڇر ڏينهن ٿيندي.