مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڌار ڌار سياسي و??بستگين باوجود سڄي ملڪ جي سياسي قيادت جو مظفر آباد ۾ ڪشمير ڪاز لاءِ گڏ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي و??لاريل ڪشمير ۾ ظلم کي پوري دنيا آڏو نروار ڪيو، ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو داستان رقم ڪري رهيو آهي پر ڀارت ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جذبي کي ماٺو ناهي ڪري سگهيو. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ مطابق وز??راعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت سان ملاقات ۾ ڪيو. وز??راعظم چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ آزاد ڪشمير جي سمورن مسئلن جو حل اسان ويهي ڪڍنداسين. هن چيو ته پاڪستان توهان سان گڏ آهي ۽ هميشھ ڪشميرين سان سندن جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو. وز??راعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت سياست کان مٿانهون ٿي اتحاد سان قومي معاملن تي گڏ ٿينداسين، ته اهو وقت پري ناهي جو سمورا مسئلا حل نه ٿين. آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڪشمير جي و??يراعظم پاڪستان جي و??يراعظم جي 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير تي مظفر آباد آمد تي ڪشمير ڪاز لاءِ سندس آجيان ڪئي. آزاد ڪشمير جي و??يراعظم چيو ته پورو ڪشمير اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان جي و??يراعظم جي مظفر آباد امد تي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٿو. ۽ سندس قدم ڪشميرين جي دلين ۾ قدر کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بالخصوص موجوده حڪومت ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ان امر کي يقيني بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپي تي ڪشميري عوام وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي و??يراعظم سردار تنوير الياس، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين، پاڪستان مس??م ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر سردار حسن ابراهيم خان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي و??ير خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قمر زمان ڪائره به موجود ??ئا.