اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان روس جي بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن وا???? اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ جي سي جي گڏيل صدارت اقصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير سردار اياز صادق جڏهن ته روسي وفد جي قيادت توانائي وا??ي وزير نڪولائي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ جي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي جيڪو گڏيل تعاون جي اهم مسئلن بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ريلوي ۽ توانائي تي بامعنيٰ ڳال??ه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. آءِ جي سي آخري ڀيرو نومبر 2021ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيو هو. آءِ جي سي جو جار?? اجلاس 20 جنوري تي پڄاڻي تي پهچندو.