اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پينل ٺاهڻ جي لاءِ پاليسي کي ترجيحي بنيادن تي ح??مي شڪل ڏني وڃي، سرڪاري عمارتن ۾ هزار ميگاواٽ جي منصوبن کي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو وڃي. اها هدايت هن ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وزيراعظم تنبيهه ڪئي ته 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ??وانائي جي بچت هڪ قومي فرض آهي ۽ اسان کي ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي ??لڪ ۾ رڳو اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، حڪومت ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي بچت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي سولر آئيزيشن منصوبي تي عملدرآ۾د تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌاي?? ويو ته ??روعاتي ??رحلي ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن ۾ مجموعي طور تي 1000 ميگاواٽ جا سولر پينل لڳايا ويندا. ان حوالي سان پهرين مرحلي جي بڊنگ جو عمل ايندڙ هفتي شروع ٿي ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌاي?? ويو ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي سازي جو عمل به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ سولر پينلز جي پيداوار سان واڳيل صنعتن سان پڻ مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته ??ن جي پيداوار کي ملڪ ۾ وڌائڻ جي لاءِ پڻ صنعتن کي اعتماد ۾ وٺي هڪ جامع پاليسي ٺاهي پئي وڃي جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن کي مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي سمورين صنعتن کي ان تي ??نتقل ڪيو وڃي جنهن تي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌاي?? ويو ته گئس جي بچت جي لاءِ نه رڳو سمورن نئين گيس گيزرز جي پيداوار ڪونيڪل بيفلز سان ڪئي ويندي پر موجوده گيزرز ۾ پڻ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مڪمل طور تي انهن جي تنصيب يقيني بڻائي ويندي. وڌيڪ بجلي جي کپت وارن فلامنٽ/ غيرمعياري پراڻي برقي بلبن جي پيداوار جي حوالي سان ٻڌاي?? ويو ته موجوده اسٽاڪ جي کپت کانپوءِ انهن جي پيداوار جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ويندي ۽ موجوده ڪارخانن کي گهٽ بجلي جي کپت واري نئين ٽيڪنالاجي جا بلب ٺاهڻ تي ??نتقل ڪي?? ويندو. اهڙي طرح ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن جي ڪارخانن کي پڻ جلد نئين ٽيڪنالاجي تي ??نتقل ڪي?? ويندو ۽ صارفين وٽ موجوده پنکن کي پڻ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونن محمد جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.