اسلام آباد – 26 – ڊس??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ ان جي ٽيم پاران سينيٽ ۾ ۽ چونڊن دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي مبينا مدد جي حوالي سان ساڻس غلط طور تي لاڳاپيل بيان جو نوٽيس ورتو آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري ترديدي بيان موجب ڄاڻايل بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري ڪاپي ڪي?? ويو آهي ۽ اهو هٿرادو ۽ هٿ ٺوڪيو آهي.