اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپ??يش?? ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائي ره??و هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??الهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپ??يش?? دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپ??يش?? ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.