اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت توانائي جي تحفظ جي لاءِ قابل ت??ديد توانائي وسيلن تي ڌيان ڏنو آهي، توانائي جي بچت جي پلان تي موثر عملدرآمد سان قيمتي وسيلن جي بچت ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ??دد ملندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت قابل ت??ديد توانائي وسيلن جي ذريعي انرجي مڪس کي متنوع بڻائي رهي آهي جيڪو توانائي جي تحفظ جي لاءِ اهم آهي، مقامي ??سيلن تي دارومدار وڌايو ويندو، ان سان عام ماڻهو کي ريليف ملندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا توانائي جي تحفظ جي منصوبي تي سنجيدگي سان غور ڪيو آهي، صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ پلان جي منظور?? ڏني ويندي، غيرمعمولي وقت ۾ غيرمعمولي قدمن جي ضرورت آهي، ان جي موثر لاڳو ٿيڻ سان قيمتي وسيلن جي بچت ٿيندي ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ??دد ملندي.