اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ??ينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعد?? دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي و??ير?? انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻوله?? دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار، اسل??مو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.