ڪراچي – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري ۾ ??صو??ي ماڻهن جي لاءِ ذهني نقطه نظر ۾ تبديلي آڻڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ انهن جي شموليت، قبوليت ۽ پهچ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو ??صو??ي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهي. اها ڳالهه هن نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ فار پيپل ود ڊس ايبليٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. گريجوئيشن جي تقريب ۾ مختلف ٽريڊز ۾ فني ۽ ووڪيشنل ڪورسز مڪمل ڪندڙ ??صو??ي شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ثمينه عارف علوي چيو ته معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ڇو ته اها جسماني يا ذهني معذوري نه آهي جو ??صو??ي ماڻهن جي واڌويجهه ۽ اڳتي وڌڻ جي امڪانن ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي پر معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو آه??. ه?? چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي ??صو??ي ماڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون موجود آهن جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا انهن جي سهولت، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ايجنڊا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. خاتون اول چيو ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??. ه?? وڌيڪ چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته ??صو??ي ماڻهن سان امتيازي رويي کي ختم ڪيو وڃي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي سماجي ۽ مالي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان کي فروغ ڏنو وڃي. بيگم علوي چيو ته اسان کي روايتي تعليم سان گڏوگڏ ??صو??ي ٻارن کي مارڪيٽ تي ٻڌل فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پ??هن??ي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻجي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پ??هن??و ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ثمينه عارف علوي ??صو??ي ٻارن کي روزگار تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪرڻ تي اين او ڊبليو پي ڊي پي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ??صو??ي ادارن کانسواءِ ??صو??ي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ به تعليم ۽ تدريس جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي آگاهي پکيڙين ۽ ??صو??ي ماڻهن کي شامل ڪرڻ جي خيال کي فروغ ڏيڻ ۽ نامناسب زبان جي استعمال کان پاسو ڪن. ان موقعي تي اين او ڊبليو پي ڊي پي جي صدر امين هاشواڻي خطاب ڪندي چيو ته ??صو??ي ماڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جن ۾ ٽيڪسٽائيل ليب، ڪمپيوٽر ليب ۽ آرٽس گيلري شامل آهن. آخر ۾ ثمينه عارف علوي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا جڏهن ته انسٽيٽيوٽ انتظاميا معزز مهمان کي سووينيئر پيش ڪيو.