??سل??م آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سي?? عاصم منير ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳا??يل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توهان جهڙي قابل آف??سر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سي?? عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل سي?? عاصم منير جي وزيراعظم اها پهرين ملاقات هئي.