اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معل??ما?? جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ورزي ??ي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊ??ر، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معل??ما?? جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معل??ما?? جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي ??هي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه ??ير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي ??ي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.