اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان وزيراعظم جي خاص معاون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ح??الي ??ان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمي?? بلاول ڀٽو زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.