ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪلوميٽر آهي اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪلوميٽر جا 6 روڊ، دادو ۾ 149.27 ڪلوميٽر جا 5 روڊ، شهيد بينظير آباد جا 106.6 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلوميٽر جا 9 روڊ، حيدرآباد ۾ 20.4 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪلوميٽر جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪلوميٽر جا 4 روڊ، سجاول ۾ 55.5 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، بدين ۾ 71 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، عمر??وٽ ۾ 20 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، سانگهڙ ۾ 46 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، سکر ۾ 58 ڪلوميٽرن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، خيرپور ۾ 23 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، شڪارپور ۾ 67 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، جيڪب آباد ۾ 45.45 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52.29 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪلوميٽر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهداد??وٽ ۾ 67.2 ڪلوميٽر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪ??ي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مدد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.