اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، و??اقي وزيرن به مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون گڏجي وي??ي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آ??ي ڳالهين سان معاملن ۾ بهتري ايندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته ايندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تحليل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي اندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ته نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، و??اقي وزيرن به ان معاملي تي مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته مشاورت جي حوالي سان اڳ ۾ به مثال موجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چيو ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي اتحادي حڪومت تي آهي ته عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻ?? آهي يا نه، آئون چاهيان ٿو ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته اسان کي دنيا کي معيشت جي حوالي سان استحڪام ڏيکارڻ?? آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪي?? واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي صورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گڏجي وي??ي ڳالهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت سان نه ٿو ويهڻ چاهي ته ان جا ساٿي ته ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست جي ڪري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪري رهي?? آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان سان حالتن ۾ بهتري ايندي. پا??ست??ن جي ائٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پا??ست??ن هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پا??ست??ن جي ائٽمي اثاثن جو ڪنٽرول ۽ مئنيجمينٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائٽمي توانائي جو عالمي ادارو به ان جي توثيق ڪري چڪ?? آهي.