اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ اين ايف آر سي سي جي نيشنل ڪو آرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ اين ايف آر سي سي جو اهم اجلاس منعقد ڪي??. فورم کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جي باري ۾ آگاهه ڪي?? ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ڪنهن جي به فوت ٿيڻ جا اطلاع نه مليا. اين ايف آر سي سي مطابق فورم کي يونيسيف طرفان عطيو ڪي?? امدادي سامان جي بين الاقوامي اڏام ۽ ترڪيه مان آيل ٽرينن جي باري ۾ آگاهه ڪي?? ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته امدادي سامان آڻيندڙ 9 ٽرينن مان 6 ٻوڏ متاث??ن ۾ ورهايون ويون آهن باقي 3 ٽرينن جو سامان اڄ لاهي متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪي?? ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ کير پياريندڙ مائرن جي غذائي کوٽ جي حوالي سان صحت جي سن??ين چئلينجن تي خاص توجهه ڏين. هن وبائي مرضن خاص ڪري مليريا ۽ ڊينگي تي ضابطو آڻڻ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. فورم کي فلڊ ريسيلينٽ شيلٽر ماڊلز جي تعمير جي باري ۾ آگاهه ڪي?? ويو، جيڪي ماحول دوست آهن. چيئرمين اين ڊي ايم اي فورم کي ٻڌايو ته ٻوڏ جو پهريون مرحلو ختم ٿي چ??و آهي، هاڻي بحالي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چ??و آهي.