اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آه??، هيستائين مختلف ملڪن م??ن 115 اڏ??مو?? امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آه??. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4?? فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏ??مو??، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏ??مو?? امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آه??. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏيون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ عمان مان پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آه??.