اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچ??تا?? صوبي ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين جي عطيي جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تمام وڏي پئما??ي تي ٿيندڙ تباهي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريلن جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، عوام جي مدد سان متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻا??ي سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفصيل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ي عطيو اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرا??ي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مصيبت ۾ گهيريل هم وطن اسان جي مدد جا منتظر آهن، اچو اسان سڀ بڻجون سهارو. ٻاهرئين ملڪ پاڪ??تا??ي وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرا??ي سگهجي ٿو. هن چيو ته بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به جمع ڪرا??ي سگهجن ٿا.