اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي ن??عيت آه??، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انس??ني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميل??ني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳ??لهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪست??ني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميل??ني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳ??لهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.