اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي ??اڪ??تان ۾ جاري چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڏس ۾ جرمني، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يورپ سان ??اڪ??تان جي مسلسل رابطن جي حصي طو?? انهن ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ ٻين سرڪاري عهديدارن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جا منتظر آهن. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بابت ملڪن جي گادي وارن شهرن جي دورن کي ميزبان حڪومتن سان مشاورت ??انپوءِ گڏيل اتفاق سان طئي ٿيل تاريخن تي ٻيهر جوڙيو ويندو.