سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪشميري عوام پراڻي ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي حل جي ??ا??ِ پنهنجي ??رامن آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي ??ختلف علائقن مڪهامه، رت??ون?? ۽ سنور ڪالي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي والاريل ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشميري عوام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي ??ا??ِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ??چ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ چيو ته نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪن جي ??اءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي ??ا??ِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.