اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪئ??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??رڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳاپن جي 75 سا?? مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئ??. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبا?? حڪومت سا?? مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??.