اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوئيٽا ۾ طوفاني برساتن سبب قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جي بلند درجن جي دعا ??ئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته آفت سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.