لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پ??ڪس??ان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون ان??سٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ڪامرس واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، ان??سٽريز واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدار?? ۽ ??يڪسٽائيل سيڪٽر جي ناليوارين ڪاروبا??ي شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ان??سٽريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي انرجي سپلائي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين جي نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وزيرن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پ??ڪس??ان جي ان??سٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي مسئلن جي جامع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پ??ڪس??ان جي معاشي بقاءَ لڪل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ ان??سٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي هر ممڪن مدد سان ئي پ??ڪس??ان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي.