اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪست??ن ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي س??را??يندي وزيراعظم چيو ته اهو پاڪستان ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪست??ن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري ??رو??رامن کي س??را??يو. پاڪست??ن ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت جاپاني سيڙپڪارن کي هر مم??ن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سفير واڊا جاپان جي پاڪستان سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پاڪستان پ??را?? فراهم ڪيل سهولت کي پڻ س??را??يو. ويراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.