اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان آمريڪي نا??م الامور اينجلا ايگلر الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ٿيندڙ بي??ن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظها?? ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پاڪستان کي 64 ملين ڪوويڊ ويڪسين جي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ورجاءُ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. هن رخصت ٿيندڙ آمريڪي نا??م الامور اينجلا ايگلر کي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن تي ک??س خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي نا??م الامور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪيو.